سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي الزامن تي پيمرا کي سڀاڻي تائين جواب طلب ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي الزامن تي پيمرا کي سڀاڻي تائين جواب طلب ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽس تي ڪارروائي ڪنهن جي چوڻ تي نه پئي ڪئي وڃي، اوهان پنهنجي وڏن کي  وڃي ٻڌايو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو تاثر ڏنو ويو ته اي سي ايل لاءِ سپريم ڪورٽ نالا ڏنا آهن.

گهرو وزارت جي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته، اسان کي ٻڌايو ته ڇا اسان اوهان کي اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ جو چيو هو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان رڳو سنڌ جي وڏي وزير تائين محدود نه آهيون، ٻين ماڻهن کي به ڏسي رهيا آهيون.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جي آءِ ٽي جو ڪم رڳو حقيقتون معلوم ڪرڻ آهي.

چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي ايترو ڪم ڪري، جتيرو کيس چيو ويو آهي، جنهن تي نيشنل بينڪ جي وڪيل چيو ته  اومني گروپ مان 11 ارب رپيا  اوڳاڙيا آهن.

چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ جا انتظام ڪير سڀنالي  رهيو آهي؟ ڇو نه نمر مجيد کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن تي جي آءِ ٽي جي وڪيل چيو ته اومني گروپ جا سمورا پيسا ڏوهن جا آهن.

چيف جسٽس چيو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ڪارروائي ڪنهن جي چوڻ تي نه پئي ڪئي وڃي، وڃي پنهنجي وڏن کي ٻڌايو.

عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪندي اومني گروپ جي الزامن تي پيمرا کي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*