تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي بحث ڪرڻ لاءِ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي بحث ڪرڻ لاءِ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ بعد وڏي وزير مراد علي شاهه کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته پ پ جلد وڏي وزير مراد علي شاهه کي تبديل ڪري، جيڪڏهن وڏي وزير کي تبديل نه ڪيو ويو ته پوءِ پي ٽي آءِ ايندڙ حڪمت عملي جوڙيندي.

هن چيو ته پ  پ حڪومت عوام کي فادئو ڏيڻ بدران اومني گروپ کي فائدو ڏنو آهي، وڏو وزير اومني گروپ جو سهولتڪار آهي.

خرم شير زمان چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ بعد وڏو وزير مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو، تنهن ڪري کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*