اطلاعات کاتي بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث نه ٿو ڪري سگهجي

اطلاعات کاتي بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث نه ٿو ڪري سگهجي، جلد خرم شير زمان پنهنجي رٿ تي پاڻ يوٽرن وٺندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ جي نادان دوستن کي اسيمبلي قانون پڙهڻ گهرجي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ  لاءِ  27 ڊسمبر تي سازش ڪئي وئي هئي، گورنر کي پي ٽي آءِ جي نه سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته گورنر پي ٽي آءِ جي پاليسي کي فالو ڪري رهيو آهي، صدر ۽ گورنر سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهياآهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته  پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز پ پ سان ئي گڏ آهن، کين ڦيرائي نٿو سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*