سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اصغر خان جي قانوني وارثن کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اصغر خان جي قانوني وارثن کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس چيو آهي ته ايف آئي اي چوي ٿي ته معاملي جا ثبوت نه مليا آهن، پر اها شي ثابت ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جي لاءِ پئسا ورهايا ويا.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي فائيل بند ڪرڻ لاءِ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاملو اصغر خان سان لاڳاپيل آهي ۽ ايف آئي اي چوي ٿي ته معاملي جا ثبوت نه مليا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪيس بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي پر اها شي ثابت ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جي لاءِ پئسا ورهايا ويا آهن.

عدالت اصغر خان جي قانوني وارثن کي نوٽس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*