جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ رياض صاحب! هر هنڌ اوهان جو نالو ڇو ٿو اچي

جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ رياض صاحب! هر هنڌ اوهان جو نالو ڇو ٿو اچي؟ اوهان کان هڪ هزار ارب گهريا هئا، پنهنجي زندگي گذارڻ جيترا پئسا رکو، باقي مال واپس ڪريو، هاڻ نيب اوهان جي جاچ ڪندو، ملڪ رياض چيو ته ايترا پيسا ته مون 22 سالن دوران به نه ڪمايا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، بحريا ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ملڪ رياض صاحب ڪٿي آهي، ڇا هو آيو آهي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ صاحب، اوهان جو هر هنڌ نالو ڇو ٿو اچي؟ جنهن تي ملڪ رياض چيو ته مان پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، نالو ته ايندو.

چيف جسٽس چيو ته اوهان به انهن سان گڏ ڪم ڪندا آهيو، جن جا نالا هن ڪيس ۾ آهن.

ملڪ رياض چيو ته آئيڪن ٽاورجو نالو ورتو ويو آهي، 2005 ۾ ته انهن جي حڪومت ئي نه هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ اهو معاملو نيب ڏانهن موڪلي ٿا ڇڏيون.

چيف جسٽس چيو ته ملڪ صاحب، اوهان کي چيو هو ته هڪ هزار ارب جمع ڪرائي ڇڏيو ته معاملو اڪلائي ڇڏينداسين.

چيف جسٽس چيو ته ڀلا 5 سئو ارب ڏيو، ڪجهه پيسا ته واپس ڪريو، جنهن تي ملڪ رياض چيو ته ايترا پيسا ته مون 22 سالن ۾ به نه ڪمايا آهن، جيترا اوهان گهري رهيا آهيو.

چيف جسٽس چيو ته اوهان اربين رپين جي ملڪيت ٺاهي آهي، ملڪيت به اوهان پاڻ وٽ رکو، علي رياض جو به گهر به وٺو، ٻڌايو ته اڃا اوهان کي ڇا گهرجي.

جنهن تي بحريا ٽائون جي سربراهه چيو ته شڪر ڪريو ته پاڪستن ۾ 66 ماڙ عمارت ٺاهي آهي.

چيف جسٽس چيو ته اوهان حڪومتون ٺاهيندا ۽ ڪرائيندا آهيو، پر اوهان چئو ٿا ته اوهان کي هڪ پلاٽ جي به ڄاڻ نه آهي، ملڪ مان لٽيل مال واپس ڪريو. جنهن تي ملڪ رياض چيو ته مون ڪڏهن به ملڪ نه هلايو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو وڃي ته  1980 ۾ ملڪ رياض ڪٿي هو، هاڻ نيب ملڪ رياض کان جاچ ڪندو.

بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته 1980 ۽ 2005 ۾ آصف علي زرداري جي حڪومت نه هئي ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*