سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي پوليس مقابلي ۾ ملوث ڊي ايس پي ظفر اقبال سميت پنجن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي پوليس مقابلي ۾ ملوث ڊي ايس پي ظفر اقبال سميت پنجن اهلڪارن کي معطل ڪري ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 آڪٽوبر 2014 تي ڪراچي جي گذري واري علائقي مان گم ڪيل نوجوان عبدالله جي ڪيس جي ٻڌي هلائي.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گذري پوليس گذريل سال 27 آڪٽوبر تي نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ۽ تازو سندس گرفتاري مقابلو ڏيکاري ڪئي آهي.

ان موقعي تي نوجوان وارثن هڪ خانگي فئڪٽري جي سي سي ٽي وي ڪئمرا جا فٽيجز پيش ڪيا، جنهن ۾ ڊي ايس پي ۽ اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪار نوجوان کي کنڀيندي نظر اچن ٿا.

عدالت وڊيو ڏسڻ بعد ڊي ايس پي ظفر اقبال سميت پنجن ئي اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين فوري طور معطل ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي سائوٿ کي انڪوائري ڪري 29 اپريل تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*