لياري پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ رهندو، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

پيپلز پارٽي 26 اپريل تي لياري ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  چيو آهي ته آصف زرداري جلسي دوران اهم اعلان ڪندو، وڏي وزير چيو آهي ته ماڻهو ڀلي ناراض ٿين پر وفاق ڪراچي آپريشن لاءِ ٽڪو به ڏنو آهي.

وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ رهندو ۽ 26 اپريل تي ٿيندڙ جلسي کي آصف زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جنهن دوران پارٽي جو شريڪ چيئرمين اهم اعلان ڪندو.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن جو ڪريڊٽ ڪير به کڻي پر عملي ڪم سنڌ حڪومت ڪيو آهي، ماڻهن ڀلي مٿن ناراض ٿين پر وفاق ان آپريشن لاءِ ٽڪو به ناهي ڏنو.

سيد قائم علي شاهه چيو ته اڳ به ٽارگيٽيڊ آپريشن سندن سرپرستي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ وزيراعظم کيس ڪپتان جو نالو ڏنو، هاڻي به سندن پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪري رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته نبيل گبول خلاف ڳالهائڻ لاءِ وٽس گهڻو مواد آهي پر هو ان تي نٿو ڳالهائڻ چاهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*