پ پ، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين پارٽين ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن ۾ ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا

 پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي، مسلم ليگ قاف، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين پارٽين ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن ۾ ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ جڙيل جڊيشل ڪميشن سڀاڻي کان کليل عدالت ۾ ڪارروائي شروع ڪندي.

 جڊيشل ڪميشن ۾ سياسي پارٽين پاران ڌانڌلين جا ثبوت جمع ڪرائڻ وارو سلسلو جاري آهي.

پاڪستاني پيپلزپارٽي جي وفد لطيف کوسا جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ پهچي جڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت جمع ڪرايا.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيئر وڪيل لطيف کوسا چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ لکت ۾ اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته اليڪشن پيپلزپارٽي نه پر نگراني حڪومت ڪرائي هئي ۽ آصف علي زرداري چئي ڇڏيو هو ته 2013 واري چونڊون آر اوز جون هيون.

لطيف کوسا چيو ته چونڊن دوران پولنگ ايجنٽن کي سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻا هئا پر پرزائيڊنگ آفيسرن اهي پيش نه ڪيا، جڏهن ته آر اوز چونڊن جا بيلٽ پيپر سيل ڪرڻ کان اڳ ئي هليا ويا هئا.

جڊيشل ڪميشن ۾ جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ قاف، بي اين پي عوام، جي يو آءِ، جسٽس پارٽي ۽ آزاد اميدوارن به ڌر ٿيڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ جڙيل ٽي رڪني عدالتي ڪميشن سڀاڻي کان کليل عدالت ۾ ڪارروائي شروع ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*