سکر ۾ گئس پريشر گهٽائڻ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاج جاري رکندي مظاهروڪيو

سکر ۾ گئس پريشر گهٽائڻ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاج جاري رکندي مظاهروڪيو.

ريلوي ڪالوني جي رهواسي مرد توڙي عورتن سرفراز احمد، فهيم خان، مسمات خديجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان مواقعي ته شهرين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ گئس پريشر نه هئڻ برابر آهي، جنهن جي ڪري رڌپچاءَ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سئي گئس جي  هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*