ڪراچي ۾ نيب سرڪاري زمين غيرقانوني طور وڪري ۾گهربل اڳوڻي ڊي سي ملير قاضي جان محمد کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ نيب سرڪاري زمين غيرقانوني طور وڪري ۾گهربل اڳوڻي ڊي سي ملير قاضي جان محمد کي گرفتار ڪري ورتو، ريمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 گذريل رات نيب سچل جي علائقي ۾ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻي ڊي سي ملير قاضي جان محمد کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

 ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدار غيرقانوني طور اسڪيم 31 ۽ 33 جي 27 سرڪاري پلاٽن جي خردبرد ۾ نيب کي گهربل هو.

 جوابدار قاضي جان محمد تي ڊي سي ملير جي حيثيت سان جعلي سَنَدُون ۽ الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ جو الزام به آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*