سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ٽو مان ايندڙ مهيني کان بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ٽو مان ايندڙ مهيني کان بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي ۽ متاثر  ماڊل وليج منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

 ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿر بابت خاص اجلاس ٿيو.

 اجلاس ۾ توانائي بابت صوبائي وزير امتياز احمد شيخ، فنانس سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس دوران ڏڪار سٽيل ڏيهه ٿر ۾ خاص طور صحت جي سهولتن کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 وڏي زير اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ٿر تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جنهن جو فائدو ٿر جي رهواسي عوام کي منتقل ٿي رهيو آهي.

 سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ٿر ڪول بلاڪ ٽو مان ايندڙ مهيني بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي، جڏهن ته متاثر قائم ڪيل ماڊل وليج ۾ منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿر ڪول بلاڪ 2 جي متاثرن جا نئين سال ۾ سندن 38 ٻارڙا سڪول داخل ٿيا آهن، جيڪا اطمينان جي ڳالهه آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*