سپريم ڪورٽ شهري علائقن ۾ تپيدارن ذريعي زمينن جا کاتا تبديل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ شهري علائقن ۾ تپيدارن ذريعي زمينن جا کاتا تبديل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو  آهي ته شهري علائقن ۾ تپيدارن جي ڪابه ضرورت ناهي، اتي زمين جي خريد ۽ وڪرو رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ذريعي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ شهري علائقن ۾ تپيدارن ۽ قانوندانن ۽ مختيارڪارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته تپيدارن ذريعي شهري علائقن ۾ زمين جي خريد ۽ وڪرو نه ٿيندي.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، تپيدار ۽ روينيو رڪارڊ جون ٻيون آفيسون رڳو رڪارڊ جي حفاظت جا ذميوار هوندا آهن، جيڪي اهاڻ زمين جي منتقلي نه ڪري سگهندا.

عدالت چيو ته شهري علائقن ۾ زمين جي خريد ۽ وڪرو رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ذريعي ٿيندي ۽ اتي تپيدارن جي آفيس جي ڪابه ضرورت نه هوندي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جتي لينڊ روينيو جو ڪو ڪاٿو ناهي اتي تپيدارن جون آفيسون ڪيئن کليل آهن.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله مشواڻي چيو ته ته اهو قانوني تشريح جو معاملو آهي.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڪارڊ ڪٿان اچي وڃي ٿو، شهرن ۾ ته ماسٽر پلان هوندو آهي، جيڪي علائقا ماسٽر پلان ۾ نه ٿا اچن اتي زمين جو وڪرو ائين ٿيندو آهي.

سپريم ڪورٽ شهري علائقن ۾ تپيدارن ذريعي زمينن جا کاتا تبديل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*