ٿر ۾معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا،هلندڙ مهيني جي ٽن ڏينهن دوران فوت ٻارن جو تعداد وڌي 6 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ بيمارين ۽ خوراڪ جي کوٽ وگهي وڌيڪ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا.

 فوت ٿيل ٻارن ۾ ڳوٺ ٽوڀاريو جي رهواسي ملوڪ ڀيل جي چار ڏينهن جي ڌيءُ بي بي ۽ ڏيپلو واسي معشوق مڱڻهار جو ٽن ڏينهن جو پٽ شامل آهن.

هلندڙ مهيني جي ٽن ڏينهن دوران فوتي ٻارن جو تعداد وڌي 6 ٿي ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*