بلوچستان جي صوبائي وزير بورڊ آف ريوينيو مير سليم احمد کوسو چيو آهي ته بلوچستان منظم ۽ مستحڪم آھي

بلوچستان جي صوبائي وزير بورڊ آف ريوينيو مير سليم احمد کوسو چيو آهي ته بلوچستان منظم ۽ مستحڪم آھي، بلوچستان عوامي پارٽي ۾ ڪنھن قسم جو اختلاف ناھي. صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لا ءِ قدم کنيا پيا وڃن.

صوبائي وزير بورڊ آف ريوينيو مير سليم احمد کوسو پنھنجي اباڻي ڳوٺ مير منظور حسين کوسو ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو بلوچستان منظم ۽ مستحڪم آھي.

هن چيو ته، بلوچستان عوامي پارٽي ۾ ڪنھن قسم جو اختلاف ناھي، موجودا حڪومت بلوچستان جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ بھتر ۽ مثبت انداز ۾ صوبي جي تعمير و ترقي ۽ خوشحالي لاء قدم کڻي رهي آهي.

مير سليم احمد کوسو چيو ته ريوينيو کاتي سڌارا آڻي عوامي مسئلن کي حل ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته صحبت پور ۾ ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال جي منظوري ڏني وئي آھي جلد اسپتال جي تعمير وارو ڪم شروع ڪيو ويندو …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*