اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چيلهه جي تڪليف گهٽجي نه سگهي

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چيلهه جي تڪليف گهٽجي نه سگهي، ڊاڪٽرن کيس  آرام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز سريف چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن سبب  هو  انصاف ۽ قانون واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

ذريعن موجب چيلهه جي سور ۾ شدت سبب ڊاڪٽرن شهباز شريف کي مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو .

ذريعن موجب، شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين طور اڄ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪرڻي هئي پر چيلهه ۾ تڪليف سبب ۽ ڊاڪٽرن طرفان سختي سان آرام جي هدايت بعد هو اجلاس جي صدارت نه ڪري سگهندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پمز ۾ ڪيل ايم آر آءِ ٽيسٽ ۾ شهباز شريف جي هڏن ۾ تڪليف جون علامتون ڏٺيون ويون آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*