گمبٽ ۾ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

گمبٽ ۾ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ملازمن الهڏتو شيخ، عبدالخالق ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ملازمن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين خالد حسين شيخ ۽ سي ايم او  شهريار کرل جي جھيڙي سبب 3 مهينن کان سندن پگهارون نه ٿيون آهن.

هنن وڏي وزير، مڪاني کاتي جي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنادير پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*