ڀارت ۾ آمريڪي ڪمپني پاران آن لائن رڪشا سروس شروع ڪئي وئي

ڀارت ۾ آمريڪي ڪمپني پاران آن لائن رڪشا سروس شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي بڪنگ  مفت ۾ ڪرائي سگهبي جڏهن ته مسافر ڪيش يا بينڪ ذريعي ڀاڙو ڏئي سگهي ٿو.

ڀارتي شهر هريانا ۾ آمريڪي ڪمپني اُبر پاران ڀارت جي سڀ کان وڏي ڪمپني ڪيب هيلنگ جي ٽڪر ۾ آن لائن رڪشا سروس شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو ڀاڙو مسافر ڪيش يا بئنڪ ڪارڊ ذريعي ڪري سگهن ٿا.

اُبر جي جنرل مينيجر گگن ڀاٽيا جو چوڻ آهي ته هن وقت نئين دهلي ۾ 2 لک جي لڳ ڀڳ آٽو رڪشا روڊن تي هلي رهيا آهن پر سندس ڪمپني جي آن لائن رڪشا سروس سڀ کان بهتر آهي.

ان موقعي تي عبدالحسن نالي هڪ ڊرائيور جو چوڻ هو ته کين اُبر ڪمپني پاران آن لائن رڪشا سروس ۾ تمام نواڻ آندي وئي آهي ڇاڪاڻ ته پهريان سندس گراهڪن لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو هو پر هاڻي ايئن ناهي ۽ هاڻي گراهڪ پنهنجي بوڪنگ موبائل تي هڪ ميسيج ذريعي ڪرائي سگهن ٿا.

واضح رهي ته ابر ڪمپني جي ڊرائيور پاران هڪ ناري سان زيادتي واري واقعي بعد ڊسمبر مهيني ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي پر ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران اها پابندي هٽائي وئي جنهن بعد ابر ڪمپني جي ٽيڪسيون ۽ رڪشا هڪ ڀيرو ٻيهر هلڻ شروع ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*