گڏيل عرب امارات جي ڊپٽي پرڏيهي وزير جو بيان سفارتي ادبن خلاف آهي، خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي ڊپٽي پرڏيهي وزير جو بيان سفارتي ادبن خلاف  آهي، وزير اعظم کي پارليامينٽ جي گڏيل ٺهراءَ تي وضاحت ڪرڻ بدران پاليسي بيان جاري ڪرڻ گهرجي ها.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان سندس جي دفاع ڪندو.

هن چيو ته پاڪستان اندروني دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٻين جي جنگ ۾ ڀائيواري نقصانڪار ثابت ٿيڻ سان گڏ مسئلا وڌي وڃن ها.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته گڏيل عرب امارات واري ڊپٽي پرڏيهي وزير جو بيان سفارتي ادبن خلاف آهي، وزير اعظم کي وضاحت بدران پاليسي بيان جاري ڪرڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*