ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن هٿ آيل جسمم ڪارڪن جو لاش قمبر پهچائڻ بعد اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن هٿ آيل جسمم ڪارڪنن جو لاش قمبر پهچائڻ بعد اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي خلاف جسمم ڪارڪنن احتجاج ڪيو.

گذريل ڏينهن ملير مان جسمم اڳواڻ روشن بروهي جو لاش هٿ اچڻ بعد اڄ اباڻي ڳوٺ علي بخش پبهور پهچايو ويو.

جسمم اڳواڻ جو مڙهه سوين آلين الين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان دوران سوين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي جسمم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

هنن چيو ته قمبر ضلعي مان 18 ڏينهن اڳ اڳواڻ کي کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن بعد گذريل ڏينهن کيس بي دردي سان قتل ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*