آمريڪا ۾ مقرر نئون سفير ڊاڪٽر اسد مجيد اڄ پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي

آمريڪا ۾ مقرر نئون سفير ڊاڪٽر اسد مجيد اڄ پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي، وفاقي سرڪار علي جهانگير صديقي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

8 مارچ 2018 تي علي جهانگير صديقي کي آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير نامزد ڪيو ويو هو، ان کان اڳ اعزاز چوڌري اهي ذميواريون سڀنالي رهيو هو.

اعزاز چوڌري 29 مئي تي پنهنجو عهدو ڇڏيو هو، جنهن بعد علي جهانگير صديقي عهدي جون ذميواريون سنڀاليون هيون.

وفاقي سرڪار علي جهانگير کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر اسد مجيد کي نئون سفير مقرر ڪيو.

امريڪا ۾ مقرر نئون سفير ڊاڪٽر اسد مجيد  سفير طور ذميواريون سڀنالڻ لاءِ  واشنگٽن پهچي ويو آهي، هو اڄ علي جهانگير صديقي جي جاءِ تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.

ڊاڪٽر اسد مجيد ڪجهه ڏينهن اندر پنهنجا سفارتي دستاويز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش ڪندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*