وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻي پاڪستان ڪنهن ٻئي جي جنگ نه وڙهندو ۽ نه ئي ڀاڙي جي بندوق طور استعمال ٿيندو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻي پاڪستان ڪنهن ٻئي جي جنگ نه وڙهندو ۽ نه ئي ڀاڙي جي بندوق طور استعمال ٿيندو، ٻين ملڪن کان امداد ۽ قرض مفت ۾ ناهي ملندو، ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.

ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان تي هميشه آمريڪا سان هڪ طرفن لاڳاپن جو الزام لڳندو آهي، جڏهن ڪو ملڪ ٻئي جي امداد ۽ قرضن تي ڀاڙيندو آهي ته ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي ۽ پاڪستان به اها قيمت ادا ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها امداد مفت ۾ نه ملندي آهي.

وزيراعظم چيو ته هاڻي پاڪستان ڪنهن ٻئي جي جنگ نه وڙهندو ۽ نه ئي ڀاڙي جي بندوق طور استعمال ٿيندو، هاڻ پرڏيهي پاليسي پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ ٺهندي.

وزيراعظم چيو ته ڏيڍ لک نيٽو فوج ۽ ٻه لک کان وڌيڪ افغان فوجي 16 سالن دوران افغانستان ۾ جنگ کٽي نه سگهيا، ٽن کان چئن هزار ماڻهن تي ٻڌل حقاني گروپ جا ماڻهو ڪئين بدامني جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

عمران خان چيو ته هو ڪيتري ئي عرصي کان چئي رهيو آهي ته افغان مسئلي جو فوجي حل نه آهي، هاڻ اها ڳالهه سڀني مڃي آهي.

هڪ سوال جو جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان پاڙيسري ملڪ سان گڏجي طالبان، آمريڪا ۽ افغان عملدارن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا.

پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي ملڪ آهن ۽ اختلافن کي جنگ حوالي ڪرڻ ٻنهي ملڪن لاءِ آپگهات برابر هوندو.

وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ڪشمير تڪرار جو حل طاقت جو استعمال نه پر ڳالهيون  آهن.

پاڪ چين دوستي بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چين پاڪستان لاءِ تازي هوا جي جهوٽي جيان آهي، مستقبل ۾ ملڪي معشيت جي بحالي ۾ چين جو وڏو ڪردار هوندو.

ڪرپشن خلاف هلندڙ مهم بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جا اربين رپيا ڦريندڙ حڪمران پهريون ڀيرو قانون جي پڪڙ ۾ اچي رهيا آهن، اها سڀ کان وڏي تبديلي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*