آسٽريليا کي شڪست ڏيندڙ ڀارتي ٽيم کي وڌايون ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ڏکڻ ايشيا جي پهرين ٽيم آهي

آسٽريليا کي شڪست ڏيندڙ ڀارتي ٽيم کي وڌايون ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ڏکڻ ايشيا جي پهرين ٽيم آهي، جنهن ڪينگروز کي ٽيسٽ سيريز ۾ سندن سرزمين تي شڪست ڏني آهي.

وزيراعظم عمران خان آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ شڪست ڏيندڙ ڀارتي ٽيم کي وڌايون ڏنيون آهن.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام وزيراعظم عمران خان ويرات ڪوهلي ۽ سندس سڄي ٽيم کي  وڌايون ڏيندي چيو ته ڀارت ننڍي کنڊ جو پهريون ملڪ آهي، جنهن آسٽريليا کي سندن سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾  چوٿين ٽيسٽ برسات سبب ڊرا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ڀارت چئن ٽسٽ ميچن جي سيريز ٻه هڪ تان کٽي ورتي هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*