لاهور ۾ صحافين پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جي رويي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاهور ۾ صحافين پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جي رويي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، صحافين چيو آهي ته حڪومت پنهنجو رويو درست ڪري.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ لاهور ۾  پريس ڪانفرنس ڪئي.

جنهن دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته جماعت اسلامي جي  امير سراج الحق بيان ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف مديني واري رياست ٺاهڻ وار ڪوڙي نعري تي حڪومت قائم ڪئي آهي، ان بابت اوهان ڇا چوندا.

جنهن تي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ صحافين سان بدتميزي ڪئي.

تحريڪ انصاف جي صوبائي وزير جي رويي تي صحافين احتجاج ڪيو پر فياض الحسن چوهاڻ ڪا ڳالهه ٻڌڻ بنا روانو ٿي ويو.

صحافين مطالبو ڪيو ته حڪومتي وزير پنهنجو رويو بهتر ڪن.

واضح رهي ته 2 جنوري تي وفاقي وزير فيصل واوڊا به صحافين سان بدتميزي ڪئي هئي.

اسلام آباد ۾ صحافي جي سوال تي وفاقي وزير فيصل واوڊا انتهائي سخت لفظ استعمال ڪيا هئا، جنهن تي صحافين احتجاج ڪندي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*