وزيراعظم جي شڪايتي سيل ڪي ٽي اين نيوز جي خبر جو نوٽيس وٺندي دادو ۾ عدالت ٻاهران فريادين تي تشدد واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

وزيراعظم جي شڪايتي سيل ڪي ٽي اين نيوز جي خبر جو نوٽيس وٺندي دادو ۾ عدالت ٻاهران فريادين تي تشدد واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وزيراعظم جي شڪايتي سيل ڪي ٽي اين نيوز تان خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ دادو ۾ عدالتي ٻاهران پوليس آڏو فريادين تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس ورتو.

 وزيراعظم جي شڪايتي سيل  فريادي عورت ۽ سندس مڙس تي تشدد واري  معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 واضح رهي ته  گذريل ڏينهن  جوابدارن  دادو ۾ عدالت ٻاهران پوليس آڏو  بدفعلي جو شڪار نينگر جي والدين تي تشدد ڪيو هو، جنهن جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف داخل ٿيل آهي.

 پوليس موجب ڪيس ۾ شمن کوکر، منصور، قربان، خادم ۽ منظور کوکر کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي.

 جوهي جي رهواسڻ دُرناز ڄاڻايو آهي ته پُٽ سان بدفعلي ڪندڙن جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو، جڏهن ته انڪار تي هنن عدالت جي اڳيان مون تي ۽ منهنجي مڙس تي تشدد ڪيو آھي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*