ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جماعت اسلامي جي ٽائون جي قتل ڪيس ۾ مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جماعت اسلامي جي ٽائون جي قتل ڪيس ۾ مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جماعت اسلامي جي ٽائون جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جيل اختيارين ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر مسعود عرف ڪالا کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته واقعي ۾ ٽارگيٽ ڪلر عمران، اعجاز نيازي، طاهر قادياني، زبير عرف پپا، عبدالرحمان قريشي شامل آهن.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي ساٿين ۾ ريحان، آصف آلٽو، فيضان، الياس، سمير نائي ۽ شڪيل موٽا شامل آهن.

عدالت سمورن مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*