خيرپور ۾ ريڙھا مزدورن ميونسپل عملي طرفان شهر ۾ ريڙها لڳائڻ کان روڪڻ خلاف خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو

خيرپور ۾ ريڙھا مزدورن ميونسپل عملي طرفان شهر ۾ ريڙها لڳائڻ کان روڪڻ خلاف خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.

 ريڙها مزدورن شھباز ڦلپوٽو، وھاب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦول باغ ۾  احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مزدورن  چيو ته ميونسپل عملو ريڙھي وارن کي شھر ۾ روزگار ڪرڻ کان روڪي رهيو آهي.

 ھنن وڌيڪ چيو ته ميونسپل کي روزانو ٽيڪس ڏيون ٿا، پوءِ به مٿن لٺيون وسائي شھر ۾ داخل ٿيڻ روڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب هو بيروزگار ٿي ويا آھن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*