لاڙڪاڻي ۾تعليم جي عالمي ڏينهن حوالي سان تعليم جي اهميت  اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻي ۾تعليم جي عالمي ڏينهن حوالي سان تعليم جي اهميت  اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي.

ڊگري ڪاليج  ۾ منعقد ڪيل  تقريب ۾ ايس ايس پي مسعود احمد بنگش مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو ته قومن جي ترقي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار تعليم جو هوندوآهي،گڏجي تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

جڏهن ته ڊگري ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور قريشي چيو ته تقريب ڪوٺائڻ جو مقصد تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.

 ان موقعي تي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ۽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور قريشي بيڊ منٽن گيم کيڏي ڪاليج گيمز جو افتتاح  ڪيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*