ڪراچي ۾ ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ مختلف ٿاڻن جو دورو

ڪراچي ۾ ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ مختلف ٿاڻن جو دورو ڪري عوامي شڪايتن ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ  هڪ ڊي ايس پي ۽  ٽن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري چڏيو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ مڇر ڪالوني ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او کي معطل  ڪري ڇڏيو.

اي آءِ جي امير شيخ ڊاڪس ٿاڻي تي صفائي نه هئڻ تي ڊي ايس پي، هيڊ محرر ۽ ڊيوٽي آفيسر کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

اي آءِ جي امير شيخ  کارادر ۽ ميٺادر ٿاڻن ۾ گندگي جا ڍير هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صفائي جا انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ايڊيشنل آءِ جي عوامي شڪايتن تي ڊي ايس پي لارادر ۽ ٻن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ با وردي ڊيوٽي ڪندڙ 35 پوليس اهلڪارن کي انعام سان نوازيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*