سکر ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن مطالبا تسليم  نه ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو

سکر ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن مطالبا تسليم  نه ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

ملازمن ايمپلائيز يونين جي سڏ تي رياض ڀيو، افضل مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پرنسپال آفيس آڏو علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن چيو ته سن ڪوٽا، سروس اسٽرڪچر ۽ پڪو ڪرڻ جا مطالبا منظور نه ڪيا وياآهن، جيڪا ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو  ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري  سمورا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*