تحريڪ انصاف جي ميمبر مومنا وحيد اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي اسيمبلي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي ميمبر مومنا وحيد اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي اسيمبلي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن موجب، چوڌري نثار حلف نه کڻي عوام ۽ اسيمبلي جي توهين ڪئي، جنهن سبب سندس رڪنيت  ختم  ڪري ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي.

تحريڪ انصاف جي ميمبر مومنا وحيد اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي اسيمبلي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

ٺهراءُ جي متن موجب، چوڌري نثار حلف نه کڻي پنهنجي تڪ جي عوام ۽ پنجاب اسيمبلي جي توهين ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ ميمبر مومنا وحيد  ٺهراءُ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته حلف نه کڻڻ سبب تڪ جي عوام کي ڏکيائڻ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٺهراءُ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته تڪ پي پي 10 جي عوام ۽ پنجاب اسيمبلي جي وقار کي برقرار رکندي چوڌري نثار جي ميمبرشپ ختم ڪئي وڃي ۽ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

واضح رهي ته چوڌري نثار علي خان 2018 جي چونڊن ۾ راولپنڊي جي تڪ پي پي 10 تان پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو پر چوڌري نثار هن وقت تائين حلف نه کنيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*