وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت مختلف اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل يا خارج ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ۽ نئين حج پاليسي تي بريفنگ ڏني ويندي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت مختلف اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل يا خارج ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت ن ليگ ۽ پ پ وارن سان به ڳالهايو ويندو…….a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*