اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڄ ملاقات جو ڏينهن  آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڄ ملاقات جو ڏينهن  آهي، راڻا ثناءُ الله سميت  نوازشريف جي ڪٽنب نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

شريف ڪٽنب جي گهرڀاتين ۽ مٽ مائٽن جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان اڄ ملاقات ٿي رهي آهي.

مسلم ليگ ن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران  پهتا، ڪارڪنن پاران ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران پارٽي قيادت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

جيل انتظاميا پاران العزيزه ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات لاءِ اڄ خميس جو ڏينهن رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب نواز شريف جي ماءُ بيگم شميم اختر، ڌيءَ مريم نواز، حمزه شهباز، عباس شريف ۽ ٻيا مٽ مائٽ ملاقات لاءِ جيل ويندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*