امريڪا ۾ مقرر ڪيل پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد سڀاڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات

امريڪا ۾ مقرر ڪيل پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد سڀاڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪري پنهنجي سند پيش ڪندو، ان کان اڳ علي جهانگير صديقي آمريڪي سفير طور ذميواريون سنڀالي رهيو هو.

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران هو پنهنجي سفارتي سند ڊونلڊ ٽرمپ جي حوالي ڪندو.

سندون حوالي ڪرڻ واري تقريب وائيٽ هائوس ۾ ٿيندي، جتي ڀارت ۽ افغانستان جا سفير به پنهنجيون پنهنجيون سندون پيش ڪيندا.

ڊاڪٽر اسد مجيد  جنوري تي عهدو جو چارج سنڀالڻ لاءِ واشنگٽن پهتو هو، هو سومر کان پنهنجي عهدي جون باضابطه طور ذميواريون سنڀاليندو.

ان کان اڳ علي جهانگير صديقي آمريڪا ۾ سفير طور ذميواريون سنڀالي رهيو هو، کيس 25 ڊسمبر تي هٽايو ويو هو.

واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊاڪٽر اسد مجيد جي مقرري جو اعلان گذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ ڪيو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*