راولپنڊي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اي ايس آءِ رياض دم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اي ايس آءِ رياض دم ڏئي ڇڏيو، شهيد اي ايس آءِ رياض جي جنازي نماز پوليس لائنز هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪرڻ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

واهه ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ رياض زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اي ايس آءِ رياض ڇاتي تي گولي لڳڻ سبب رستي تي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

شهيد اي ايس آءِ رياض جي جنازي نماز پوليس لائنز هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس سوين آلين اکين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جنازي نمازي ۾ سينيئر پوليس آفيسرن کان علاوه ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*