سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن واري معاملي تي اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ بعد اپوزيشن ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا

سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن واري معاملي تي اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ بعد اپوزيشن ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، اپوزيشن ميمبرز جو چوڻ هو ته پ پ جا وزير سوالن جواب نٿا ڏين، جيڪڏهن ايوان ۾ جواب نه مليا ته کين روڊن تي اچي جواب ڏيڻو پوندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن دوران ايم پي اي نصرت سحر عباسي مولوي کي چيوته پ پ جي ڪرپٽ وزيرن لاءِ دعا گهرو.

ايم پي اي نصرت سحر عباسي ۽ شاهنواز جدون وچ ۾ ڪرپشن واري معاملي تان سخت جملن جي ڏي وٽ ٿي، جنهن دوران اپوزيشن ميمبرز ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته ڇا آءِ جي وزير تيمور ٽالپر کي خبر آهي ته سائنس ٽيڪنالاني جو مطلب ڇا آهي، جنهن تي تيمور ٽالپر جو چوڻ هو ته ڊپٽي اسپيڪر صاحبه توهان هن کي سمجهايو ته ميٽرڪ يا انٽر پڙهي اچن.

ڊپٽي اسپيڪر عارف مصطفيٰ جتوئي کي چيو ته توهان سنجيده ٿي سوال ڪيو، جنهن تي اپوزيشن ايوان اندر گوڙ ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته آءِ ٽي جي وزير کي پنهن جي کاتي جي ڊيفنيشنل به خبر ناهي، ڊپٽي اسپيڪر جيئن ايوان هلائي رهي آهي، سڀني ڏسي ورتو آهي.

ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ سرڪار اسيمبلي جي اجلاس کي سنجيدگي سان نٿي وٺي.

ڪنور نويد جميل چيو ته حڪومتي وزيرن جي ڪرپشن تي پردو وڌو پيو وڃي، ان ڪري اپوزيشن ميمبرز جي سوالن جا جواب نٿا ڏنا وڃن.

حسنين مرزا چيو ته شهيد راڻي جي قرباني کانپوءِ پ پ وارن کي حڪومت ملي آهي، مراد علي شاهه پنهنجي شهيد ليڊر جي معاهدي تي قائم ناهي.

ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته ايوان قائدن ۽ قانون جي ابتڙ هلايو پيو وڃي، اپوزيشن جو آواز روڪڻ لاءِ نئون طريقو ڳوليو ويو آهي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي بابت سوالن جا درست جواب نه ملڻ تي اپوزيشن جو واڪ آئوٽ، مخالف ڌر ميمبرز چيو ته وزيرن جو رويو ٺيڪ نه آهي، ايوان ۾ جواب نه مليا ته وزيرن کي روڊن تي جواب ڏيڻا پوندا، سوالن جوابن جي وقفي دوران صوبائي تيمور ٽالپر ۽ ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي وچ ۾ به دلچسپ جملن جي ڏي وٺ.

صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته اپوزيشن بائيڪاٽ ڪري پنھنجو بزنس پنھنجي ھٿن سان وڃايو آهي.

سعيد غني چيو ته وڏو وزير مراد علي شاھ سمورن وڏن وزيرن مان قابل وڏو وزير آھي، ان سان ڪھڙو حشر ڪيو ويو آھي، اسلام آباد وارن چڱو ناھي ڪيو.

سعيد غني چيو ته اسان به پنھنجو قانوني ۽ آئيني حق اسعمال ڪري سگهون ٿا.

سعيد غني چيو ته عليمه خان جو نالو جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جي فنڊن ۽ خاص طور تي فارين فنڊنگ جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*