نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت چورن جي ڄڃ آهي ۽ ان ڄڃ جو گهوٽ وزيراعظم آهي

نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت چورن جي ڄڃ آهي ۽ ان ڄڃ جو گهوٽ وزيراعظم آهي، عليمه باجي عمران خان جي بي ناميدار آهي، عمران صاحب ٻڌائي ته عليمه باجي جي چوري تي جي آءِ ٽي ڪڏهن ٺاهيندو؟ .

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت چورن جي ڄڃ آهي ۽ ان ڄڃ جو گهوٽ وزيراعظم صاحب آهي.

هن چيو ته چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل چوندڙن  جي باجي چوري نڪتي آهي، عليمه باجي وزيراعظم عمران خان جي بي ناميدار آهي.

مريم اورنگزيب چيو  ته اهي ڪهڙا ذريعا هئا، جنهن سان اربين رپين جي غيرقانوني ملڪيت خريد ڪئي وئي، عوام کي جواب ڏنو وڃي.

هن چيو ته علميه باجي جي غيرقانوني ملڪيت جا  ذريعا چندو، تعليم جا پيسا ۽  پي ٽي آءِ جا جعلي اڪائونٽس آهن. عليمه باجي شوڪت خانم ۽ نمل يونيورسٽي جي بورڊ ۽ پارٽي فنڊ مان پرڏيهه ۾ اربين رپين جي ملڪيت خريد ڪئي.

نواز ليگ جـِي ترجمان چيو ته فواد چوڌري صاحب اچي ۽ عليمه باجي جي چوري جو جواب ڏئي، عمران خان صاحب ٻڌائي ته عليمه باجي جي چوري تي جي آءِ ٽي ڪڏهن ٺهندي؟

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب، عليمه باجي کي اين آر او ڇو ڏنو؟فواد چوڌري صاحب، هاڻ خبر پئي اوهان جي واويلا ڇا جي لاءِ هئي.

هن چيو ته جتي جتي چندو ۽ پارٽي جو پيسو گڏ ٿيو، اتي اتي عليمه باجي  جي غيرقانوني ملڪيت نڪتي آهي، فواد چوڌري صاحب اوهان ٻڌايو ته مريم نواز گهڻا ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهي آهي؟

مريم اورنگزيب چيو ته جعلي حڪومت، جعلي مينڊيٽ، جعلي اڪائونٽس ۽ عليمه باجي جي چوري تي جعلي وزيراعظم ڪڏهن خطاب ڪندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*