لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول خلاف گڏيل درخواست جمع ڪرائي وئي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول خلاف گڏيل درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غريب عوام جي پيسي سان حڪمرانن کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي، عدالت حڪمرانن سميت ٻين کي ڏنل وي آءِ پي پروٽوڪول واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول خلاف گڏيل درخواست جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين ڌي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عوام لاءِ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا آهن، اهي پبلڪ پراپرٽي  هوندا آهن.

درخواست موجب، پاڪستان ۾ غريب ماڻهن جي پيسي سان حڪمرانن کي وي آءِ  پي پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي.

درخواستگذار موجب، انگلينڊ سميت ٻين ترقي يافتن ملڪن ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول جو تصور ئي نه آهي، عدالت حڪمرانن سميت ٻين کي ڏنل وي آءِ پي پروٽوڪول واپس وٺڻ جو حڪم  ڏئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*