آمريڪي فوج ۽ شامي سرڪار داعش کي شڪست ڏيڻ لاءِ حملا ڪري رهيا آهن وڊيو ۾ دعويٰ

شام ۾ داعش ۽ باغين جي ڪاررواين سبب جنگي حالتون جاري آهن، ڪوباني ۾ ڪرد ويڙهاڪ داعش خلاف ويڙهه جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن.

شام جي اِدلِيب، حـَلب ۽ راسُ العَين واري علائقن ۾ شامي فوج داعش خلاف ويڙهه ۾ رڌل آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ ويڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته شامي ڪردستان واري علائقي جا ڪرد ويڙهاڪ داعش جي ويڙهاڪن سان ويڙهه ۾ رڌل آهن.

وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪرد ويڙهاڪن جي تنظيم وحدت حمايت الشَعب جي مرد ۽ عورت هٿياربندن داعش جي دهشتگردن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

ساڳئي وقت شامي فوج پاران جاري ڪيل فٽيجز ۾ به اِدلِيب، حـَلب ۽ راسُ العَين واري علائقن ۾ شامي جنگي جهازن کي داعش جي ٿاڪن مٿان بمباري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

ٻئي پاسي ترڪي سان لڳندڙ شام جي سرحدي شهر ڪوباني جي ڪنٽرول لاءِ داعش جي ويڙهاڪن سان ڪرد فورس جا نوجوان مهاڏو اٽڪايو ويٺا آهن، شهر جي ڪيترن کي علائقن ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

عسڪري تجزيه نگار ان ڳالهه تي حيران آهن ته هڪ ٻئي سان اختلافن باوجود آمريڪي فوج، شامي سرڪار ۽ ڪرد ويڙهاڪ داعش کي شڪست ڏيڻ لاءِ زميني ويڙهه سان گڏ هوائي حملا به ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين کين فيصلائتي ڪاميابي نه ملي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*