راڻي پور ۾ روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تان مٽي کڻڻ خلاف ريلوي اسٽيشن محلي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو

راڻي پور ۾ روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تان مٽي کڻڻ خلاف ريلوي اسٽيشن محلي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 رهواسين فيض سنڌي، ثنا الله ڄامڙو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ريلوي اسٽيشن ڀرسان آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان بلڊر فياض نوناري روهڙي ڪئنال جي ڪپرن مان مٽي ڪڍرائي ڪپرن کي ڪمزور ڪري رهيو آھي.

هنن چيو ته مٽي نڪرڻ جي ڪري روهڙي ڪئنال ۾ روڻيون پون ٿيون ۽ ڪنهن وقت به ٽٽڻ جو خدشو آھي.هنن آبپاشي کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري ڪارروائي ڪري ڪپرن کي ڪمزور ٿيڻ کان بچايووڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*