پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نوازشريف خلاف فيصلو ضمانت نه ٿيڻو جوڳو نه آهي

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نوازشريف خلاف فيصلو ضمانت نه ٿيڻو جوڳو نه آهي، اميد آهي ته نوازشريف هڪ ٻن مهينن ٻاهر اچي ويندو، آصف زرداري نوازشريف سان جيل ۾ ملاقات نه ڪندو، هو جيل مان ٻاهر اچي ته ملاقات ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائنيدي خورشيد شاهه چيو ته نيب ٻين کي گهرائي رهيو آهي ته پوءِ عمران خان کي به گهرائڻ گهرجي.

هن چيو ته، نيب جي گهرائڻ تي عمران خان جو وڃڻ بي عزتي نه آهي.

خورشيد شاهه چيو ته، مني بجيٽ جي حوالي سان خورشيد شاهه چيو ته هي هلندڙ سالو جي ٽئين بجيٽ هوندي، حڪومت پارليامينٽ ذريعي عوام تي بار وجهڻ چاهي ٿي.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته، حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به مڃڻ لاءِ تيار نه  آهي.

خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف خلاف فيصلو ضمانت نه ٿيڻو جوڳو نه آهي، اميد آهي ته نوازشريف هڪ ٻن مهينن ٻاهر اچي ويندو.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ  چيو ته، آصف زرداري نوازشريف سان جيل ۾ ملاقات نه ڪندو، هو جيل مان ٻاهر اچي ته ملاقات ٿيندي.……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*