پنجاب حڪومت پاران جانورن جي ويڙهه تي پابندي باوجود لوڌران ۾ اٺن جي ويڙهه جو غيرقانوني مقابلو ڪرايو ويو

پنجاب حڪومت پاران جانورن جي ويڙهه تي پابندي باوجود لوڌران ۾ اٺن جي ويڙهه جو غيرقانوني مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ساهيوال، ملتان، شجاع آباد، حاصل پور ۽ چولستان مان 80 کان وڌيڪ اٺن کي ويڙهايو ويو.

پنجاب حڪومت طرفان پابندي باوجود لوڌران جي علائقي ڪهروڙ پڪا ۾ صدر ٿاڻي جي حد ۾ اٺن جي ويڙهه جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڏا وڏا شرط رکيا ويا.

اٺن جي خوني ويڙهه چئن ڪلاڪن تائين جاري رهي، ڪيترائي تماشائي اٺن جي ويڙهه کي ڏسندا رهيا، انتظاميا ۽ پوليس ڪجهه نه ڪيو.

اٺڻ جي مقابلي ۾ ساهيوال، ملتان، شجاع آباد، حاصل پور ۽ چولستان مان 80 کان وڌيڪ اٺن وچ ۾ مقابلو ڪرايو ويو.

اٺن جي ويڙهه ۾ بااثر شريڪ هئا، هارائيندڙ اٺن جي مالڪن جا هٿ مٿي تي اچي ويا، جڏهن ته شرط جي رقم کٽيندڙن پاران رقص ڪيو ويو.

سياسي، سماجي، مذهبي ۽ شهرين پاران ڪمشنر ملتان ۽ آر پي او ملتان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير قانوني جانورن جي ويڙهه ڪرائندڙن خلاف نوٽيس وٺي مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*