گمبٽ، هالا ۽ ڀان سيد آباد ويجهو ڌارڌار حادثن جي نتيجي ۾ 2 عورتون فوت ٿي ويون،

گمبٽ، هالا ۽ ڀان سيد آباد ويجهو ڌارڌار حادثن جي نتيجي ۾ 2 عورتون فوت ٿي ويون، 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

قومي شاھراھ تي مٽياري وٽ حيدرآباد کان شھدادپور ويندڙ مسافر وين تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پيئي.

 جنھن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار عورت بلقيس فوت ٿي وئي، جڏھن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي مٽياري جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ زبيده، بهادر خان، خير محمد، معظم، حسن، گل نواز، حاجي لونگ شامل آهن.

هوڏانهن گمبٽ ويجهو خيرپور _ لاڙڪاڻو روڊ تي ڳوٺ عظيم فقير وٽ تيز رفتار وين رڪشا کي بچائيندي ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي.

وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پنوعاقل واسي عورت نذيران چاچڙٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته فوتي عورت جو لاش مقامي اسپتال پهچايو ويو هو.

 ان سلسلي ۾لانڍيون ٿاڻي جي پوليس موجب چنگچي رڪشا جو ٽائر برسٽ ٿي پيو، جنهن کي بچائيندي وين ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي.

هوڏانهن مانجھند  ويجھو ڪوچ ۽ سوزڪي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾15 ڄڻازخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ زاھده، نثار، بانو، شڪيلا، حابل، وقار، عرفان، مھناز ۽ عمران شامل آهي، زخمين کي اسپتال  منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب زخمي ٿيل ماڻهو قلندر جي درگاھ تي سکان کڻي وڃي رھيا ھئا، ته حادثو پيش ڪيو، زخمين جو تعلق ٺٽي ضلعي جي شهرڳاڙھو سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*