ڪراچي ۾ گورنر سنڌ  جي صدارت هيٺ ٽرانسفارميشن ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪراچي شهر لاءِ نئون جامع ماسٽر پلان جوڙڻ لاءِ ورڪنگ گروپ کي هدايتون جاري ڪيون ويون

ڪراچي ۾ گورنر سنڌ  جي صدارت هيٺ ٽرانسفارميشن ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪراچي شهر لاءِ نئون جامع ماسٽر پلان جوڙڻ لاءِ ورڪنگ گروپ کي هدايتون جاري ڪيون ويون، ڪراچي کي دنيا جي 50 ٽاپ شهرن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي صدارت هيٺ ٽرانسفارميشن ڪميٽي جي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايم اين اي آفتاب صديقي، فردوس شميم نقوي، فيصل سبزواري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ٽرانسپورٽ، واٽر، ماسٽر پلان ۽ انويسمنٽ جا چار ورڪنگ گروپ جوڙا ويا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ۽ لوگل گورنمينٽ کي گڏ گڏ هلڻ گهرجي ۽ ڪميٽي شهر جي ترقي لاءِ سفارشون سنڌ سرڪار کي پيش ڪري.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ  قدم کنيا وڃن.

اجلاس ۾ ڪراچي جي شهرين کي فوري طور رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ميئر جي صدارت ۾ ورڪنگ گروپ پڻ جوڙيو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي سرڪار پاران ڪراچي ۾ جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ واري ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*