نيب لاهور رمضان شگر ملز چنيوٽ جو ريفرنس مڪمل ڪندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي نامزد ڪري ڇڏيو

نيب لاهور رمضان شگر ملز چنيوٽ جو ريفرنس مڪمل ڪندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي نامزد ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 21 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نالو سرڪاري فنڊ سان ٺاهيو ويو آهي.

قومي احتساب بيورو  لاهور چنيوٽ ۾ رمضان شگر ملز جو ريفرنس مڪمل ڪري ورتو آهي.

نيب ريفرنس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي نامزد ڪيو آهي.

ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 21 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نالو سرڪاري فنڊ سان ٺاهيو ويو آهي.

ذريعن موجب، ريفرنس منظوري لاءِ نيب جي چيئرمين جاويد اقبال کي موڪليو ويو آهي، نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*