اي آءِ جي امير شيخ چيو آهي ته چيني قونصل خاني تي حملي جو پلان افغانستان ۾ جوڙيو ويو

اي آءِ جي امير شيخ چيو آهي ته چيني قونصل خاني تي حملي جو پلان افغانستان ۾ جوڙيو ويو، هٿيار بلوچستان مان ٽرين ذريعي ڪراچي آندا ويا، دهشتگردن چئن مهينن تائين قونصل خاني جي ريڪي ڪئي، حملي ۾ ڀارتي ايجنسي “ را ” ملوث آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ چيو ته چيني قونصليٽ تي حملي جو پلان افعانستان ۾ٺاهيو ويو.

امير شيخ چيو ته پوليس حملي ۾ ملوث 5 سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو آهي، حملي جو ماسٽر مائينڊ اسلم عرف اڇو آهي، کين ڀارت جي حمايت حاصل هئي، حملي جو مقصد پاڪ چين دوستي ۾ ڏار وجهڻ هو.

امير شيخ جو چوڻ هو ته حملي لاءِ هٿيار بلوچستان مان ٽرين ذريعي آندا ويا، حملي جو ماسٽر  مائينڊ اسلم عرف اڇو هو جيڪو افغانستان ۾ مارجي چڪو آهي.

اي آءِ جي امير شيخ چيو ته جوابدارآگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڪراچي ايندا رهيا ۽چئن مهينن تائين قونصل خاني جي ريڪي ڪندا رهيا.

امير شيخ جو چوڻ هو ته چيني قونصليٽ تي حملي ۾ ڀارتي ايجنسي را ملوث آهي، ڪراچي ۾بي ايل اي جا ماڻهو دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن.

امير شيخ جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ڪنهن سياسي پارٽي جي تعلق هئڻ جا ثبوت ناهن مليا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*