امريڪا ۾ پاڪستان جَي نئين سفير اسد مجيد خان امريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪري سندون پيش ڪيون آهن

امريڪا ۾ پاڪستان جَي نئين سفير اسد مجيد خان امريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪري سندون پيش ڪيون آهن، سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندس.

امريڪا لاءِ مقرر ڪيل پاڪستان جَي نئين سفير  واشنگٽن ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي.

پاڪستاني سفير روايت موجب امريڪي صدر کي پنهنجيون سندون پيش ڪيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين پاڪستاني سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

اسد مجيد خان جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*