غوثپور ويجهو هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري  عورت سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

غوثپور ويجهو هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري  عورت سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ 2 عورتون به زخمي ٿي پيون.

    ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ فوجي لولائي ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ تي حملو  انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري  ڏني.

پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 50  ورهين جي مسمات ڪوڙي ۽ محمد شريف لولائي ٿڏي تي مارجي ويا.

گوليون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي الهجڙيو لولائي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

زخمي عورتن ۾ مسمات سچل ۽ مسمات بچل  شامل آهن، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب واقعو جاگيراڻي۽  لولائي برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدار حملي بعد درياءَ پار ڪري فرار ٿي ويا.

 ڳوٺ تي حملي کان پوءِ پوري علائقي  ۾ خوف ۽ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*