ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽارگيٽ ڪلر شهزاد عرف عظيم عرف فيضو دادا کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽارگيٽ ڪلر شهزاد عرف عظيم عرف فيضو دادا کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان موجب جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار جي غفار ذڪري گروپ سان آهي، ڪورنگي ۽ شرافي ڳوٺ ۾ به پوليس ڪارروائي ڪندي پنج ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز ترجمان موجب لياري جي علي محمد محلي ۾ ڪارروائي دوران جوابدار شهزاد عرف عظيم عرف فيضو دادا  کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان موجب جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار جي غفار ذڪري گروپ سان آهي، جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ سڪيورٽي اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهي.

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڳجهي اداري جي ڪارروائي دوران هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار  جو تعلق سياسي جماعت سان ٻڌايو پيو وڃي.

ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدار بدنام زمانه ٽارگيٽ ڪلر رئيس ماما جو ويجهو ساٿي آهي.

ڪراچي جي شرافي ڳوٺ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي مقابلي بعد 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان دستي بم، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس موجب جوابدار سليم، ڪامران، اقبال ۽ ناظم ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*