قمبر ۾ سٽي پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف بروهي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

 قمبر ۾ سٽي پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف بروهي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

بروهي پاڙي جي رهواسين شبير بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪرڻ بعد روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي نعريبازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙ شبير بروهي چيو ته سٽي ٿاڻي جي پوليس گهر ۾ گهڙي تشدد ڪرڻ بعد پيرسن والد عبدالواحد بروهي ۽ ڀاءُ شڪيل کي گرفتار ڪري وئي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته قمبر پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*