تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام هڪجهڙو ناهي

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام هڪجهڙو ناهي ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول نٿا وڃن، پي ايڇ ڊي ڊگريون رکندڙ به نوڪرين لاءِ پريشان آهن.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته تعليم  سٺي نه پئي ڏني وڃي، تعليمي نظام ۾ بگاڙ پيدا ڪيو ويو آهي، وزارت ملڻ بعد خبر پئي ته ڪيترا چيلينجز آهن.

هن چيو ته وفاقي سطح تي تعليمي ادارا سڌيءَ ريت نه هلايا ويندا، وڏن اسڪولن ۾ تعليمي نظام سٺو آهي پر اتان مزاحمت سامهون اچي رهي آهي، ڪوشش ڪئي ويندي ته پرائيوٽ اسڪولن کي شام جي شفٽ ۾ آندو وڃي.

شفقت محمود وڌيڪ چيو ته مدرسن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ نوجوان لاءِ نوڪريون محدود ٿي ويون آهن، پي ايڇ ڊي هولڊر به نوڪرين لاءِ پريشان آهن، انگريز نصاب پڙهندڙن کي نوڪرين ۽ ٻين معاملن ۾ سٺا موقعا پيا ملن.

تعليم واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام هڪجهڙو ناهي، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول وڃن ئي نٿا، ڪوشش ڪئي ويندي ته سڀ کان پهريان اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي پڙهايو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*